پاڪستان جو مطلب صرف پنجاب آهي، ٻيا صوبا سندن بيٺڪيتون آهن، بشير قريشي

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر جا ذريعا يا حوالا لکيل نه آهن، خبر جا ذريعا لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پنجاب جو مطلب هڪ ئي آهي، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد سندن قبضي هيٺ آيل علائقا آهن. جن جي قدرتي وسيلن تي پنجاب جو قبضو آهي.

بشير قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ کي گذريل سٺ سالن کان ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي، جيئن تاريخ ۾ سنڌ جا حڪمران هڪٻئي جون دانهون کڻي دهلي ويندا هئا ساڳي طرح اڄ جا وڏيرا سنڌ جي لٽ ڦر ڪرڻ واسطي پنجاب جي چوڌرين جا بوٽ پيا چٽين. سنڌ جا اهي وڏيرا ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جا سڄڻ نه ٿا ٿي سگهن.

بشير قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومپرستن جي حوالي سان چيو ته انهن کي پنجاب جون ايجنسيون اغوا ڪري ويون آهن، هاڻ ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ايجنسين جو ڪردار وائکو ٿي ويو آهي ته اهي بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪري پيسا ڪمائڻ لاءِ آمريڪا حوالي ڪري ڇڏين ٿا.

هن پاڪستاني اختيارين کي خبردار ڪندي چيو ته ڊاڪٽر صفدر سرڪي سميت سمورن سنڌي ۽ بلوچ قومپرستن کي ظاهر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملڪ جي حالتن جي ذميواري مٿن هوندي.