پاڪستان جيڪڏهن آمريڪا جي مدد نه ڪري ها ته آمريڪا عراق جيان هتي به حملو ڪري ها

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

سينيٽ اسٽنڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته پاڪستان جيڪڏهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جي مدد نه ڪري ها ته پاڪستان تي به عراق جيان حملو ڪيو وڃي ها.

ذريعن مطابق مولانا سميع الحق جنهن وقت باجوڙ مدرسي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهو آمريڪا جي چرچ تي ڪيو ويو آهي. جواب ۾ قصوري چيو ته اهو سوال فوج يا وزارت داخله کان پڇيو وڃي. ايترو ضرور آهي ته پاڪستان جيڪڏهن پنهنجن علائقن ۾ دهشتگردن خلاف قدم نه کڻندو ته اهو ڪم آمريڪا پاڻ ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته عراق جي حالتن مان سبق پرائڻ کپي.

ذريعا