پاڪستان جي آءِ ايس آءِ ئي طالبان کي پيدا ڪيو هو، افغان حڪومت جو صدر مشرف جي بيان تي ردعمل

وڪي اخبار کان

صدر پرويز مشرف طرفان ڏنل هڪ بيان جنهن ۾ هن چيو هو ته طالبان، القائده کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. مشرف جي اهڙي بيان تي افغانستان طرفان افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڌهن ته پاڪستان جو چوڻ آهي ته صدر مشرف جي بيان کي ٽوڙي پيش ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته اهڙو بيان صدر مشرف ڪاميٽي آف فارئين افيئرس يورپي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو هو. افغانستان, صدر مشرف جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته طالبان آءِ ايس آءِ جا ئي پيدا ڪيل آهن جن جي هاڻ مخالفت ڪئي پئي وڃي.

ذريعا