پاڪستان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ القائده ۽ طالبان کي همٿائي رهي آهي، يوڪي رپورٽ

وڪي اخبار کان

انگلينڊ جي حڪومتي ڪميشن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ايجنسي آءِ سي آءِ القائده ۽ طالبان کي همٿائي رهي آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته پاڪستان خفيه طور مذهبي جماعتن جهڙوڪ ايم ايم اي جي حمايت ڪري کين همٿائي رهيو آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان آرمي ٻٽو ڪردار ادا ڪري رهي آهي هڪ طرف اهي دهشتگردي خلاف جنگ واري ويڙهه جي دعوا ڪري ٿي ته ٻئي طرف اها پاڪستان ۾ موجود مذهبي جماعتن جي خفيه حمايت پڻ جاري رکيو پئي اچي. ان سان گڏ اها آءِ ايس آءِ ذريعي طالبان جي پڻ خفيه حمايت جاري رکيو پئي اچي.

ياد رهي ته رپورٽ جو خالق جون ۾ پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ ان هتي آرمي جي آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ڪيون هيون. بي بي سي ان ماڻهوءَ جو نالو ظاهر ڪرڻ کان نابري واري آهي.

جڏهن ته پاڪستان ان دعوا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. چيو ويو آهي ته رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي.

ذريعا