پاڪستان جي خيبر ايجنسي ۾ ويڙهه ٽي ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي قبائلي علائقي خيبر ايجنسيءِ ۾ ٻن مذهبي ڌرين جي ويڙهه جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڏهه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، ٻن جي حالت نازڪ ٻڌائي وئي آهي.

چيو ويو آهي ته ويڙهه لشڪر اسلامي ۽ انصارالاسام نالي جماعتن وچ ۾ ٿي. اها جهڙپ اڱاري جي رات دير سان جابلو علائقن ۾ ٿيڻ جا اطلاع آهن. ان ويڙهه ۾ راڪيٽ لانچر ۽ مارٽر گنن جو پڻ استعمال ڪيو ويو.

لشڪر اسلامي نالي جماعت دعوا ڪئي آهي ته هنن مخالفن جا پنج ماڻهو ماري وڌا آهن پر آزاد ذريعن وٽان اهڙي تصديق نه ٿي سگهي آهي. زخمين کي پشاور جي اسپتال پڻ آندو ويو آهي.

ذريعا