پاڪستان جي قبائلي علائقي ۾ بم ڌماڪو، 9 قبائلي مارجي ويا

وڪي اخبار کان

10 نومبر 2006

افغانستان جي بارڊر ڀرسان ويڙهاڪن طرفان روڊ تي نصب ڪيل بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ هڪ قبائلي وڏڙي سميت 9 قبائلي مارجي ويا آهن.

اهي سمورا اتر وزيرستان جي علائقي شڪئي ڀرسان هڪ گاڏيءَ تي وڃي رهيا هئا ته مذڪوره بم ڦاٽي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته چار ٻيا پڻ زخمي ٿي پيا.

ذريعا