پاڪستان جي قبائلي علائقي ”خار“ ڀرسان روڊ تي بم ڌماڪو، ٻن عورتن سميت چار زخمي

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي علائقي خار ڀرسان روڊ تي بم ڌماڪي سبب ٻن عورتن سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمي عورتون نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊويلپمينٽ ۾ ڪم ڪنديون هيون.

ذريعن مطابق اهو ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو. جڏهن ته ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به قبول ڪانه ڪئي آهي. ڌماڪا ان وقت ٿيا آهن جڌهن هفتو کن اڳ هڪ مذهبي گورپ اين جي اوز کي خبردار ڪندي چيو هو ته عورتن کي هيلٿ ورڪر يا ٽيچر طور ڀرتي نه ڪيو وڃي. انهن هڪ پمفليٽ ذريعي خبردار ڪندي ايڊ گروپس کي علائقي مان نڪري وڃڻ جو چيو هو.

ذريعا