پاڪستان جي ٻن رانديگرن تي طاقت جي منع ٿيل دوائن جو استعمال ثابت، کين واپس گهرايو ويو

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي ٻن فاسٽ بالرن شعيب اختر ۽ محمد آصف تي طاقت جي منع ٿيل دوائن جو استعمال ثابت ٿيڻ تي کين انڊيا ۾ هلندڙ آءِ سي سي ڪريڪيٽ مان واپس گهرايو ويو آهي.

جڏهن ته هڪ ٻئي رانديگر شبير احمد جي باري ۾ پڻ اهڙو شڪ ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته باقي سمورن رانديگرن کي آجو قرار ڏنو ويو آهي.

شعيب اختر ۽ محمد آصف واپس لاهور پهچي ويا ۽ بنا ڪنهن سان ڳالهائڻ جي ڊوڙي وڃي پنهنجين گاڏين ۾ ويٺا ۽ روانا ٿي ويا.

ٻنهي کلاڙين جي واپسي بعد پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بحران جي ور چڙهي وئي آهي، ايئرپورٽ تي موجود لاهوري ماڻهن جو چوڻ هو ته اهڙن ماڻهن تي تاحيات پابندي وڌي وڃي.

ذريعا