پاڪستان طالبان اڳواڻ کي لڪائي رهيو آهي، برطانيه

وڪي اخبار کان

ليفٽنينٽ جرنل ڊيوڊ رچرڊس اسلام آباد وڃي رهيو آهي، جتي هو پاڪستان جي صدر مشرف کي پاڪستان جي ايجنسين پاران طالبان جي سپورٽ بابت احوال ڏيندو ۽ کيس زور ڀريندو ته پاڪستان ۾ رهندڙ طالبان کي گرفتار ڪيو وڃي.

جنرل ڊيوڊ جو چوڻ هو ته صدر پاڪستان ڪيترائي ڀيرا مڃي چڪو آهي ته طالبان مسئلو پاڪستان بارڊر وٽان ٿي رهيو آهي. مون کي اميد آهي ته صدر پاڪستان ايجنسين جي ڪم تي نظرداري ڪندو.

هڪ برٽش آفيسر چيو آهي ته اسان جا ماڻهو پاڪستان جي ڪري مارجي رهيا آهن. اسان ان ڳالهه کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، مشرف کي ظاهر ڪرڻو پوندو ته اصل ۾ هو طالبان جو طرفدار آهي يا نه.

ذريعا