پاڪستان طالبان جي بقا جو ذميوار نه آهي طالبان جو مرڪز ڪابل ۾ آهي، صدر مشرف

وڪي اخبار کان

14 نومبر 2006

پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته پاڪستان طالبان جي بقا جو ذميوار نه آهي، اهي افغانستان ۾ وڌي ويجهي رهيا آهن سموري ذميواري به انهن تي عائد ٿئي ٿي. هن اهي ڳالهيون هڪ ٽي وي کي انٽرويو دوران چيون.

مشرف وڌيڪ چيو ته طالبان جو مرڪز افغانستان جي شهر ڪابل ۾ آهي انهن کي پاڪستان مان تمام ٿوري حمايت حاصل آهي. ان ڪري بنيادي قدم به افغانستان کي کڻڻا پوندا.

صدر مشرف جو چوڻ هو ته دهشتگردن کي پيسو انڊر ورلڊ جي منشيات جي ڌنڌي مان ملي رهيو آهي. هن تسليم ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪوئٽا ۾ طالبان جون سرگرميون جاري هجن ڇاڪاڻ ته اُتي چار لک افغان پناهگير موجود آهن. صدر بارودي سرنگهن وڇائڻ واري تجويز کي ٻيهر ورجائيندي چيو ته ان کان پوءِ ڪوبه غير قانوني طور سرحد پار ڪري نه سگهندو.

ذريعا