پاڪستان طالبان کي همٿائي رهيو آهي ان سان سموري خطي ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي، ليري گُڊسن

وڪي اخبار کان

23 ڊسمبر 2006

يو ايس آرمي وار ڪاليج ڊپارٽمينٽ آف نيشنل سيڪيورٽي اينڊ اسٽارٽيجي جي سربراه ليري گڊسن چيو آهي ته پاڪستان طالبان کي همٿائي رهيو آهي جنهن سان سموري خطي ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.

ليري گڊسن وڌيڪ چيو ته پاڪستان طالبان جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي جنهن سان امن بجاءِ خطرا وڌڻ جا امڪان آهن.

ٻئي طرف ڪراچي جي حسين حقاني چيو آهي ته مشرف ڊبل گيم کيڏي رهيو آهي، هڪ طرف هو طالبان کي همٿائي رهيو آهي ته ٻئي طرف هو اولهه کي اعتماد ڏياري رهيو آهي.

ذريعا