پاڪستان طرفان 8 القائده جا دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي وفاقي وزير داخله نيوز ڪانفرس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ راڪيٽ نصب ڪندڙ 8 القائده جي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار انهن دهشتگردن افغانستان مان سکيا حاصل ڪئي هئي. انهن کي ملڪ جي مختلف حصن مان گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن وٽان هٿيار وغيره پڻ برآمد ڪيا ويا آهن.

وفاقي وزير مطابق چار راڪيٽ راولپنڊي ۽ چار راڪيٽ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ نصب ڪيا ويا هئا. راڪيٽن نصب ڪرڻ جو مقصد تباهي ڪرڻ نه بلڪه خوف ۽ هراس پکيڙڻ هو.

ذريعا