پاڪستان مان ويل ٽي خودڪش حمله آور افغانستان جي اسپاءِ ايجنسي هٿان سوگها

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

افغانستان جي انٽيليجنس ايجنسي دعوا ڪئي آهي ته اُنهن ٽي خودڪش حمله آور گرفتار ڪيا آهن جيڪي ڪابل ۾ حملو ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.

ايجنسي مطابق اهي ويڙهاڪ مُلا محمد ابراهيم حنيفي جيڪو پاڪستان ۾ رهي پيو ان طرفان افغانستان ۾ حملن لاءِ موڪليا ويا هئا.

هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ پاڪستاني طور ڪئي وئي آهي جنهن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته ان کي ويڙهاڪ گروپ حرڪت المجاهدين خودڪش حملن لاءِ موڪليو هو.

ذريعا