پاڪستان نوجوان ڪشميرين کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، افضل گُرو

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

ڀارتي پارليامينٽ حملي ۾ ملوث ڄاڻايل ۽ ڦاسيءَ جي سزا مليل ڪشميري ويڙهاڪ محمد افضل گرو چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري نوجوانن کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

ذريعن مطابق محمد افضل ڀارت جي صدر عبدالڪلام کي رحم جي اپيل ڪئي آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي جي شروعاتي حالتن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.

هن پنهنجي رحم واري اپيل ۾ تفصيل سان سکيا ڪيمپن ۽ ان وقت جي حالتن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته ”مون پاڪستان وڃي ان تحريڪ لاءِ سکيا ورتي. پاڪستان پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ ڪشميري نوجوانن کي استعمال ڪري رهيو آهي.“

هن پنهنجي اپيل ۾ ڄاڻايو آهي ته هو پارليامينٽ تي حملي کي ڪشمير ڪاز لاءِ ڪارگر نٿو سمجهي ان ڪري متاثر خاندانن کان معافي جو طلبگار آهي.

ذريعا