پاڪستان هن سال 500 طالبان کي گرفتار ڪري افغانستان کي ڏنو، پرڏيهي وزارت

وڪي اخبار کان

15 ڊسمبر 2006

پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پڌرو ڪيو آهي ته هن سال پاڪستان 500 طالبان کي گرفتار ڪري افغانستان جي حوالي ڪيو آهي.

هن هفتي جي شروعات ۾ افغان صدر حامد ڪارزئي پاڪستان تي الزام مڙهيو هو ته اهي طالبان جي مدد ڪري رهيا آهن، جنهنڪري افغانستان ۾ تشدد جي ڪاروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

ٻئي طرف افغانستان اهو پڻ چوندو رهيو آهي ته پاڪستان جي شهر ڪوئٽا مان افغانستان ۾ ڪاروائيون ٿي رهيون آهن. جڏهن ته پاڪستان جي دعوا مطابق گهڻا طالبان ڪوئٽا مان ئي گرفتار ڪيا ويا آهن.

ذريعا