پاڪستان هڪ ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ پوچي ويو

وڪي اخبار کان

پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ قرض لاءِ پهچي ويو....زبير زرار منگي پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي عملدارن وچ ۾ اهم ڳالهيون دبئي ۾ ٿي رهيون آحن، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين ڪري رهيو آهي.

   وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان دبئي ۾ ٿيندڙ اڄوڪي گڏجاڻي ۾ امداد نه گهري ويندي پر اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي عملدارن کي پاڪستان جي معيشت بابت آگاهه ڪيو ويندو.

دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي ۾ آءِ ايم ايف کي پاڪستان جي اقتصادي صورتحال بابت آگاهي ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري صلاحڪار چيو ته معاشي بحران مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف حڪومت جي فهرست ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي آهي، تنهن باوجود انهيءَ آپشن کي انتهائي ڏکيائي واري صورتحال ۾ استعمال ڪيو ويندو...... آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان کي قرضن تي ڊفالٽ کان بچڻ لاءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ 10 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان باضابطا طور درخواست ڪئي ته ان تي غور ڪيو ويندو. دبئي ۾ هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي انٽرنيشنل مانٽري فنڊ جي ريجنل ڊائريڪٽر محسن خان چيو ته پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ 3 کان 4 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف اختيارين جي سوچ آهي ته پاڪستان کي 5 ارب ڊالرز هن سال ۽ 5 ارب ڊالرز ايندڙ سال گهربل هوندا. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارن وچ ۾ دبئي ۾ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ گڏجاڻي جي حوالي سان محسن خان چيو ته جيڪڏهن پاڪستان پاران فنڊز لاءِ باضابطا طور درخواست ڪئي ته ان تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته دبئي ۾ گڏجاڻي کانپوءِ آءِ ايم ايف اختيارن کي پيش مونجهارو ڪليئر ٿي ويندو ته پاڪستان کي ڪيتري رقم جي ضرورت آهي، جنهن بعد آءِ ايم ايف پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي.