پاڪستان ٽن ڀارتي ماهيگيرن کي سامونڊي سرحد جي ڀڃڪڙي جي الزام تحت گرفتار ڪري ورتو

وڪي اخبار کان

21 آڪٽوبر 2006

پاڪستان ٽن ڀارتي مهاڻن کي سامونڊي حدن جي خلاف ورزي جي الزام تحت گرفتار ڪري ورتو آهي.

سرڪاري ذريعن مطابق کين پاڪستان جي 45 ڪلوميٽر سامونڊي حد اندر گرفتار ڪيو ويو. پهريان کين خبردار ڪيو ويو ته هي پاڪستاني حد آهي پر مهاڻن وارننگ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جنهنڪري کين گرفتار ڪيو ويو.

ياد رهي ڪجهه ڏينهن اڳ پڻ ڪيترن ئي ڀارتي مهاڻن کي سامونڊي حدن جي خلاف ورزي جي الزام تحت گرفتار ڪيو ويو هو، تازين گرفتارين سميت مهاڻن جو تعداد هاڻ 28 ٿي ويو آهي.

ذريعا