پاڪستان پنهنجي بارڊر کي بند ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پرڏيهي وزير

وڪي اخبار کان

6 نومبر 2006

پاڪستان جي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته پاڪستان افغانستان واري بارڊر بند ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اها ڳالهه هن نيدرلينڊ جي فوجن طرفان چيل ان ڳالهه جي جواب ۾ چئي ته پاڪستان مان ٿيندڙ طالبان دراندازي گهٽائڻ لاءِ ان تي دٻاءَ وڌايو وڃي.

نيدرلينڊ جي ڪمانڊر چيو آهي ته پاڪستان جي علائقن وٽان افغانستان ۾ ٿيندڙ طالبان دراندازي کي گهٽائڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي ان لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ ڪوششون وٺڻ گهرجن.

ذريعا