پاڪستان پيپلز پارٽي حسبه بل کي نجي زندگي لاءِ رخنو ۽ خزاني تي اجايو بار قرار ڏئي ڇڏيو

وڪي اخبار کان

14 نومبر 2006

پاڪستان پيپلز پارٽي سرحد اسيمبلي مان منظور ڪيل حسبه بل کي نجي زندگيءَ لاءِ رخنو ۽ خزاني تي بار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پارٽي ترجمان فرحت الله بابر مطابق اهو بل ماڻهن کي زوري پراڻي جاهل دور طرف ڌڪڻ جي سازش آهي جنهن کي اسلام جي نالي سان سرانجام ڏنو پيو وڃي.

هن حسبه بل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي آواز اٿارڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حسبه بل کان پوءِ قومي خزاني کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويندو.

هن حڪومت تي الزام مڙهيندي چيو ته انهن اعتدال پسند پارٽين جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي مذهبي جماعتن کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو آهي، ان عمل جو مقصد اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه نه آهي.

ذريعا