پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ٽيڪس شعبي ۾ رٽائر فوجي مڙهڻ تي سخت مذمت

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

پاڪستان پيپلز پارٽي فوجين کي ٽيڪس جي شعبي سينٽرل بورڊ آف روينيو ۾ مڙهڻ جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اهڙي ڇسي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي. اهڙيون ڳالهيون پ پ جي ترجمان فرحت الله بابر ڪيون.

هن وڌيڪ چيو ته رٽائر فوجين کي سول بيروڪريسي، تعليمي شعبي، صحت شعبي توڙي ٻين ادارن ۾ ڀرتي ڪرڻ سان هڪ ته شهرين جو حق مارجي ٿو ٻيو ان سان ادارا ترقي ڪرڻ بجاءِ پٺتي وڃن ٿا.

ذريعن مطابق ٽيڪس جي شعبي ۾ حوالدار کان وٺي ميجر تائين جا رٽائر فوجي ڀرتي ڪيا ويا آهن. فرحت الله بابر پنهنجي بيان ۾ تفصيل سان فوجين جي اهڙين ڀرتين کي ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته پ پ ٽيڪس شعبي ۾ مڙهيل فوجين خلاف قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندي.

ذريعا