پاڪستان کي ڪرڪيٽ ۾ شڪست، نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

وڪي اخبار کان

25 آڪٽوبر 2006

نيوزيلينڊ پاڪستان کي 51 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. آءِ سي سي ٽرافي ڪپ ۾ نيوزيلينڊ سڀ کان پهرين ٽيم آهي جيڪا سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.

نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان کي 275 جو ٽارگيٽ مليو جيڪو پاڪستان پورو نه ڪري سگهيو ۽ ٽيم 223 تي آل آئوٽ ٿي وئي.

نيوزلينڊ جي بالر شين بونڊ زبردست بالنگ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي ٽن رانديگرن کي پويلين موٽايو. ياد رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي.

ذريعا