پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مذهب تي اٿاريل سوال، پاڪستاني کلاڙي ناخوش

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

تازو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪرڪيٽ کلاڙين لاءِ اهو چيو ويو هو ته اهي غير ضروري طور مذهبي جذبا ظاهر ڪن ٿا جنهن سان دنيا کي غلط تاثر وڃي رهيو آهي. اهڙي راءِ تي پاڪستاني کلاڙي ناخوش آهن.

چيو ويو آهي ته پاڪستاني ٽيم جا کلاڙي انضمام الحق جي ان راءِ سان متفق آهن ته ڪڏهن به ڪنهن کلاڙي کي مذهب جي حوالي سان مجبور نه ڪيو ويو آهي.

ذريعن مطابق بورڊ چيف نسيم اشرف کي اهڙيون هدايتون ملڪ جي صدر ڏنيون هيون. جنهن مطابق مذهب جو غير ضروري ڏيکاء بهتر نه آهي. جنهن تي اڪثر پاڪستاني ڪرڪيٽ کلاڙي ناخوش آهن.

ذريعا