پاڪستان ۽ افعانستان سرحد تي جهنگلو لڳائڻ ۽ بارودي سرنگون وڇائڻ جو فيصلو

وڪي اخبار کان

26 ڊسمبر 2006

پاڪستاني سرڪاري ذريعن چيو آهي ته سرحد پار دهشتگردي جي روڪ لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان سرحد وٽان جهنگلو ۽ بارودي سرنگون وڇايون وينديون.

اطلاعن موجب جيڪي علائقا حساس آهن انهن علائقن ۾ اها ڪاروائي ڪئي ويندي. پاڪستان جي سيڪريٽري خارجه اسلام آباد ۾ هڪ بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستاني فوج کي چيو ويو آهي ته اهي اهڙن هنڌن جي نشاندهي ڪن جتي اها ڪاروائي ضروري آهي.

ذريعا