پاڪستان ۽ ٻين ملڪن مان القائده جا جهادي صوماليه اچي رهيا آهن، صومالين پرڏيهي وزير

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

صوماليه جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندن کي القائده هٿي ڏئي رهي آهي جيڪي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن وٽان مسلسل اچي رهيا آهن. جنهنڪري ملڪ جي اندروني صورتحال لاءِ خطرو وڌي ويو آهي.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته القائده جا جهادي سامونڊي رستي صوماليه پهچي رهيا آهن. موگاديشو پورٽ وٽان پاڪستان، سعودي عرب، يمن ۽ ٻين ملڪن مان القائده جهادي صوماليه اچي رهيا آهن.

ذريعا