پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جو پهريون ڏينهن، پاڪستان ثبوتن جو منتظر آهي، قصوري

وڪي اخبار کان

14 نومبر 2006

ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سيڪريٽري سطح تي ڳالهين جي پهرين ڏينهن ٻنهي ملڪن دهشتگردي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ واسطي گڏيل طريقه ڪار جوڙڻ تي غور ڪيو.

ذريعن مطابق پهرين ڏينهن جي ڳالهين ۾ اعتماد سازي، سفري سهولتن، ٻه طرفه واپار ۽ اقتصادي معاملن تي پڻ بحث ڪيو ويو. تجزيه نگارن مطابق انهن ڳالهين مان ڪنهن وڏي حاصلات جي اميد نه آهي.

ٻئي طرف خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته پاڪستان بمبئي بم ڌماڪن جي ثبوتن جو منتظر آهي. سياچن جي حوالي سان هن چيو ته ان مسئلي تي ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف موجود آهن.

ذريعا