پاڪستان ۾ آمريڪا جا فوجي القائده جي دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهن، آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني

وڪي اخبار کان

آمريڪا جي نائب صدر ڊڪ چيني چيو آهي ته پاڪستان ۾ آمريڪا جا فوجي دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهن ۽ جيترو نقصان دهشتگردن کي انهن پهچايو آهي اوترو ڪنهن ٻئي نه پهچايو هوندو.

هن جو چوڻ هو ته آمريڪي فوج افغانستان ۾ پڻ دهشتگردن خلاف تمام گهڻي سرگرم آهي. پاڪستان ۾ پڻ اسان ئي سڀ کان وڌيڪ دهشتگردن کي يا ته ماريو آهي يا گرفتار ڪيو آهي.

ڊڪ چيني جي اهڙي انڪشاف کان ترت پوءِ آمريڪي سرڪاري ذريعن ان جي وضاحت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪي فوج آزاداڻه طور ڪاروائيون ڪانه پئي ڪري پر اها پاڪستان جي سهڪار سان اهڙيون ڪاروائيون ڪري رهي آهي.

ذريعا