پاڪستان ۾ ايندڙ اليڪشن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کان سواءِ ٿيندي، صدر جنرل پرويز مشرف

وڪي اخبار کان

6 ڊسمبر 2006

پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ايندڙ چونڊون بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کان سواءِ ٿينديون، هن اها ڳالهه هڪ چينل کي انٽريو دوران چئي آهي.

ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي صدر مشرف جي اهڙي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته اهڙي اليڪشن جو مقصد عوام کان سندن راءِ جو حق کسڻ جي برابر آهي.

پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اعتدال پسند پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ غيرجانبدار ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين.

ذريعا