پاڪستان ۾ طالبان کي سکيا ۽ حمايت ملي ٿي، نيٽو ڪمانڊر

وڪي اخبار کان

22 آڪٽوبر 2006

پاڪستان ۾ طالبان کي حمايت ۽ سکيا ملي ٿي. اها ڳالهه نيٽو ڪمانڊر ڊيوڊ رچرڊز ڪابل ۾ هڪ پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندي ڪئي.

هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حمايت کان سواءِ طالبان ڪاروائيون نٿا ڪري سگهن، لازمي آهي ته پاڪستان انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون وٺي.

اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار پيٽر ٽامسن جو چوڻ هو ته پاڪستان تي دٻاءَ وجهڻ گهرجي ته جيئن اهو طالبان جي خفيه حمايت بند ڪري ڇاڪاڻ ته ان طرح سان ڪينيڊا جا فوجي پڻ افغانستان ۾ مري رهيا آهن.

ذريعا