پاڪستان ۾ فلم جي شوٽنگ نه ٿيڻ جو افسوس آهي، انجلينا جولي

وڪي اخبار کان

انجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ چيو آهي ته صحافي ڊينئل پرل تي ٺهندڙ فلم ”اَ مائٽي هرٽ“ جي شوٽنگ پاڪستان ۾ نه ٿيڻ تي سخت افسوس ٿيو آهي.

اها شوٽنگ پاڪستان ۾ رٿيل هئي پر سيڪيورٽي رسڪ هجڻ ڪري ان کي انڊيا جي شهر پوني ۾ فلمايو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ پڻ ڪجهه سينز جي شوٽنگ ڪئي ويئي هئي.

انجلينا جولي چيو ته منهنجي خواهش هئي ته فلم جي شوٽنگ پاڪستان ۾ ٿئي. پر اتي شوٽنگ نه ٿيڻ سان افسوس ٿيو آهي جنهنڪري شوٽنگ انڊيا ۾ ڪرڻ اسان لاءِ ناگزير ٿي ويو.

فلم ”اَ مائٽي هرٽ“ 38 ساله آمريڪي صحافي ڊينئل پرل تي ٺهيل آهي جنهن کي ڪراچي مان اغوا بعد کيس قتل ڪري هڪ ٽيپ جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هن جو ڳلو ڪپندي ڏيکاريو ويو هو.

ذريعا