پاڪ افغان لاڳاپا بحال ڪرڻ تي اتفاق

وڪي اخبار کان

پاڪ _ افغان لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي اتفاق..... رپورٽ: زبير زرار منگي

افغانستان ۽ پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ گڏيل اپاءُ ورتا ويندا، شاهه محمود جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون، افغاني وزير چيو ته افغانستان مان پاڪستان ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي. اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ افغان پرڏيهي وزير رانجن دادفر اسپانٽا گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽرانسپورٽ ڪميونيڪيشن ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. پ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ چيو ته 27 آڪٽوبر تي پاڪ افغانستان جرڳي جي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته افغانستان سان ٽرانسپورٽ، ڪميونيڪيشن ۽ ٻين معاملن تي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. پر ڏيهي وزير چيو ته دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون ڪيون وينديون انهن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. افغان پرڏيهي وزير رنگين دادفر اسپانٽا چيو ته افغانستان مان پاڪستان ۾ مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ پاڪستان کي ڀارتي سفارتخاني ۽ قونصل خانن بابت ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ ڀارت جي فوج ناهي، اتي رڳو ڀارتي انجنيئر ترقياتي ڪمن ۾ حصو وٺن پيا.