پرڏيهي آفيس جي حوالي سان ڪوڙيون خبرون شايع ٿيون آهن، پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم چيو آهي ته پرڏيهي آفيس جا ڪجهه ليٽر هيڊ چوري ڪيا ويا آهن جن ذريعي ڪوڙيون خبرون شايع ڪرايون ويون آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم موجب ڪالهه مختلف ميڊيا جي ادارن کي هڪ خبر موصول ٿي جنهن ۾ پرڏيهي آفيس جي حوالي سان لکيل هو ته القائده جو اڳواڻ محسن موسا مارجي ويو آهي اها خبر چوري ٿيل ليٽر هيڊ جي ذريعي ڏني وئي هئي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق اها خبر هتان نه موڪلي وئي هئي، هن خبر جي ترديد ڪندي چيو ته مذڪوره خبر ڪوڙ تي ٻڌل ۽ بي بنياد آهي.

ذريعا