پرڏيهي ڪمپني حوالي ٿيل سنڌ جا ٻيٽ سنڌ حڪومت نه پر پورٽ قاسم اٿارٽي جا آهن، وزير اعظم

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي وزير اعظم شوڪت عزيز چيو آهي ته پرڏيهي ڪمپنين جي حوالي ٿيل سنڌ جا ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت نه پر پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت آهن.

هن اها ڳالهه ڪراچي جي دوري دوران چئي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي اسڪيم پورٽ قاسم اٿارٽي ڏني هئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي.

شوڪت عزيز جو چوڻ هو ته انهن ٻيٽن جي ترقي سان هزارين ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو.

ياد رهي ته سنڌ جا سياسي توڙي سماجي حلقا ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن.

ذريعا