پرڏيهي ڪمپني کي وڪرو ڪيل ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، پ پ

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

پاڪستان پيپلز پارٽي چيو آهي ته پرڏيهي ڪمپني کي وڪرو ڪيل ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاق بيجاءَ طور انهن کي وڪرو ڪري پنهنجو فيصلو مڙهڻ ٿو چاهي.

نثار کهڙي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وفاق جو ٻيٽن بابت قدم غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. پ پ ان جي پرزور مذمت ڪري ٿي.

گُهر ڪئي وئي ته ٻيٽن بابت فيصلو لا آف د لينڊ ۽ آئين مطابق ڪيو وڃي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن جو آواز بنجڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

ذريعا