پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه ۾ بس حادثو، 22 مسافر فوت ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

29 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه ۾ بس ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 22 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمين مان ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي.

مسافرن سان ڀريل اها بس راڄڻ پور کان خان پور وڃي رهي هئي ته مظفر ڳڙهه ڀرسان هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي. مري ويلن جا لاش جتوئي اسپتال ۾ رکيا ويا آهن. جڏهن ته زخمين کي سلطان ۽ علي پور اسپتالن ۾ پهچايو ويو آهي.

خبر موجب حادثي جي فوتين ۾ چار عورتون ۽ ڇهه ٻار پڻ شامل آهن.

ذريعا