پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڪجهه ٿيو ته اسان به چوڙيون ناهن پاتيون، الطاف حسين

وڪي اخبار کان

5 ڊسمبر 2006

متحده قومي مومينٽ جي سربراه الطاف حسين چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ڪجهه ٿيو ته پوءِ اسان به چوڙيون ناهن پاتيون پوءِ اهي ماڻهو ڪراچي ۾ داخل به نٿي سگهندا.

ايم ڪيو ايم حڪمران ليگ جي خلاف ٽن صوبن ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو هو. اسلام آباد ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف حصن مان مليل اطلاعن موجب ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن احتجاجي ريليون ڪڍيون ۽ ڌرڻا هنيا.

ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. متحده جي آفيسن تي ڇاپا هڻي ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن.

ذريعا