پنجاب ۾ هڪ وين ڪينال ۾ ڪرڻ سبب 11 ماڻهو فوت، ڪيترن ئي ماڻهن کي بچايو ويو

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

ملتان ڀرسان هڪ وين جي ڪينال ۾ ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته 12 ماڻهن کي ڪينال مان زنده ڪڍيو ويو.

ذريعن مطابق فوتين ۾ ڇهه مرد، هڪ عورت ۽ ٽي ٻارڙا شامل آهن. فوتين جي لاشن کي ڪينال مان ڪڍيو ويو آهي.

زخمين کي ويجهن اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ تمام گهڻا روڊ حادثا ٿين ٿا جنهن جا سبب قانونن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ رستن جي خراب صورتحال آهن.

ذريعا