پوليس هٿان ڇهه شڪي طالبان ڪوئٽا جي پرائيوٽ اسپتال مان گرفتار

وڪي اخبار کان

پوليس هٿان ڪوئٽا جي هڪ پرائيوٽ اسپتال مان زخمي حالت ۾ ٽي شڪي طالبان ويڙهاڪ گرفتار ٿي ويا آهن. پوليس مطابق سمورا همراهه زخمي حالت ۾ هئا ۽ افغانستان جي ڏکڻ ۾ ويڙهه دوران زخمي ٿيا هئا.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته انهن سان گڏ ٽن ٻين ماڻهن کي پڻ شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ياد رهي ته جولاءِ ۾ لڳ ڀڳ 250 شڪي طالبان کي گرفتار ڪيو ويو هو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ سوين القائده جي دهشتگردن کي ماري چڪو آهي.

ذريعا