پونم طرفان سموري سنڌ ۾ ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرا

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پونم جي سڌ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. مظاهرن ۾ گورنمينٽ طرفان پرڏيهي ڪمپني کي وڪرو ڪيل سنڌ جي ٻيٽن جي سخت مخالفت ڪئي وئي.

هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان ڪيو ويو. جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي. مظاهري کي پنهل ساريو، هوت خان گاڏهي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سنڌ جي ٻين ضلعن مان پڻ اهڙن مظاهرن جا اطلاع آهن جن ۾ ٻيٽن جي وڪري جي سخت مخالفت ڪندي گهر ڪئي وئي ته اهو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ذريعا