پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس طرفان زوري لڏايل صفر خاصخيلي جي ڳوٺاڻن جي سار ڪنهن نه لڌي، قومپرست جماعتون خاموش

وڪي اخبار کان

16 نومبر 2006

پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس طرفان ڳوٺ جي زمين تي تڪرار جي نتيجي ۾ زوري لڏايل ڳوٺ صفر خاصخيلي جي ڳوٺاڻن جي سار ڪنهن به نه لڌي آهي. خبر موجب ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ راتون گذاري رهيا آهن.

ذريعن مطابق مردن جي گرفتاري ۽ روپوشي سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل عورتن ۽ ٻارڙن وٽ پورو کاڌو پڻ موجود نه آهي. جڏهن ته ڪنهن به قومپرست جماعت ان زيادتي خلاف آواز نه اٿاريو آهي.

مقرر جاچ آفيسر پنهنجي سرڪاري انداز واري جاچ ۾ مصروف آهن جنهن مان اڃا تائين ڳوٺاڻن سان ڪوبه انصاف نه ٿي سگهيو آهي. رهواسين جاچ آفيسر وٽ پنهنجن رڪارڊ ڪرايل بيانن ۾ چيو آهي ته وٽن زمين جا ڪاغذ موجود آهن ۽ هو اتي ابن ڏاڏن کان رهن ٿا. جهيڙي بابت رهواسين چيو ته جڏهن ڪاليج جو پرنسپال ماڻهو وٺي اچي ڳوٺ ۾ عورتن جي تذليل ڪئي جنهنڪري اسان کان اها زيادتي برداشت نه ٿي سگهي.

ذريعا