ٿائيلينڊ ۾ بم ڌماڪو ٻه ماڻهو مارجي ويا، ٽي ڄڻا زخمي

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

ٿائيلينڊ ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ ٻه فوجي مارجي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حملي جو شڪ ناراض مسلمانن تي ظاهر ڪيو ويو آهي. جيڪي ان ڳالهه جي خلاف هئا ته سندن ڳوٺ ۾ فوجي ويٺا هجن.

ذريعن موجب 300 ڳوٺاڻن جنهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي هئي، انهن فوجن خلاف هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو. پنج ڪلاڪن جي ڳالهين کان پوءِ فوجي ڳوٺ ڇڏڻ تي راضي ٿيا. جڏهن اهي واپس وڃي رهيا هئا ته بم ڌماڪو ٿيو.

ذريعا