ڀارتي اداڪار سنجي دت تي غِيرقانوني اسلحو رکڻ جو ڏوه ثابت، پنج سال سزا لڳي سگهي ٿي

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

ڀارتي اداڪار سنجي دت کي 1993ع ۾ ٿيل بم ڌماڪن جي ڏوه مان آجو قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته غيرقانوني اسلحو رکڻ جو ڏوه ثابت ٿي ويو آهي، ذريعن مطابق کيس پنج سال سزا يا ڏنڊ جي سزا لڳي سگهي ٿي.

خبر موجب عدالت جو چوڻ هو ته سنجي دت دهشتگرد نه آهي. عدالت کيس 19 ڊسمبر تائين ٻيهر پيش پوڻ جو حڪم ڏنو آهي ان وقت تائين هو آزاد رهندو.

سنجي دت تي غيرقانوني طور اي ڪي 65، 9 ايم ايم پسٽل ۽ هينڊ گرنيڊ رکڻ جو ڏوه ثابت ٿيو آهي. سنجي دت جو چوڻ هو ته هن اسلحو پنهنجي حفاظت لاءِ رکيو هو. سندس ايڊوڪيٽ جو چوڻ آهي ته سنجي دت اڳ ئي 18 مهينا جيل ۾ رهي چڪو آهي تنهنڪري کيس رڳو ڏنڊ جي سزا ملي سگهي ٿي.

ذريعا