ڀارتي اداڪار عامر خان جي فلم ”رنگ دي بسنتي“ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد

وڪي اخبار کان

راڪيش اوم پرڪاش مهرا ۽ اداڪار عامر خان جي گڏيل محنت ”رنگ دي بسنتي“ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي ويئي آهي. ايوارڊ لاءِ اٺ فلمن مان ان فلم کي چونڊيو ويو آهي.

چيو پيو وڃي ته نامزدگيءَ لاءِ ”رنگ دي بسنتي“ ۽ ”لگي رهو منا ڀائي“ وچ ۾ سخت مقابلو هو. پر سينماٽوگرافي سبب رنگ دي بسنتي ميدان ماري ورتو.

ياد رهي ته آسڪر ايوارڊ ۾ 83 ملڪن جون فلمون شامل هونديون آهن ۽ انهن مان صرف پنجن کي اهو ايوارڊ نصيب ٿيندو آهي. بهرحال فلم جي نامزدگيءَ تي اداڪار عامر خان تمام گهڻو خوش آهي.

ذريعا