ڀارتي دعوا مطابق ميسور مان گرفتار پاڪستاني دهشتگرد خفيه ڪوڊ استعمال ڪندا هئا

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

ڀارتي دعوا موجب ميسور مان پڪڙيل پاڪستاني دهشتگرد اڪثر ڪري پاڪستان ۽ ڪشمير ڏانهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه وقت خفيه ڪوڊن جو استعمال ڪندا هئا.

ذريعن مطابق گرفتار محمد علي حسين جو ڪوڊ نمبر 8 هو جڏهن ته فهد کي ڪوڊ طور ”افغان“ چيو ويندو هو. ٻنهي وٽ نوڪيا جا موبائل فون هئا. ٻنهي جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪيميڪل بجاءِ ڪوڊ طور ”آٽا“ ۽ گرنيڊ بجاءِ ڪوڊ طور ”آلو“ جي لفظن جو استعمال ڪندا هئا. اهڙي طرح هنن جي گفتگو ڪوڊن تي مشتمل هوندي هئي.

ذريعن مطابق فهد جون اڪثر ڪالون پنهنجي ڀيڻ ۽ هڪ دوست ڏانهن هونديون هيون ۽ هن کي پيسا پنهنجي يو اي اِي ۾ موجود ڀاءَ شعيب ۽ آمريڪا ۾ موجود سندس سوٽ وٽان ايندا هئا.

وڌيڪ تفصيل ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي اڪثر بينگلور ۽ دهلي جو سفر ڪندا رهيا آهن. انهن انڊيا جي پاسپورٽ جي حاصلات ميسور مان رد ٿيڻ بعد بنگلور مان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. فهد جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جا ڏهه کن بينڪ اڪائونٽ هئا. چيو ويو آهي ته ساڻن ڪا عورت پڻ مليل هئي جنهن کين مدد فراهم پئي ڪئي.

ذريعا

PAK TERRORISTS USED CODES