ڀارتي رياست يو پي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جي سرگرمين جو ڳڙهه آهي، جگ موهن يادوَ

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

ڀارتي رياست يو پي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جي سرگرمين جو ڳڙهه آهي ڇاڪاڻ ته بلوچستان پاڪستان مان 200 نوجوان آءِ ايس آءِ ذريعي سکيا حاصل ڪري هتي پهچي ويا آهن.

آءِ جي (ايس ٽي ايف) جگ موهن يادوَ وڌيڪ چيو ته رياست کي انهن نوجوانن مان خطرو آهي جيڪي جيش محمد ۽ لشڪر طيبه ۾ يقين رکن ٿا جن پنهنجا ماڻهو يو پي ۾ سرگرم ڪري ڇڏيا آهن.

جگ موهن چيو ته هاڻي آءِ ايس آءِ ڀارت ۾ پنهنجي مشن جي تڪميل لاءِ هٿيار موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندن ڇاڙتا مقامي مارڪيٽن مان گيس سلينڊر نموني جيان ڌماڪيدار مادو آساني سان هٿ ڪري سگهن ٿا.

هن جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ منشيات ۽ جعلي ڪرنسي ذريعي ڀارت ۾ ڄڻ ته هڪ جدا حڪومت قائم ڪري ورتي آهي هاڻي انهن جو ڌيان يو پي، دهلي، مها راشٽر ۽ ڏاکڻين رياستن ڏانهن دهشتگردي پکيڙڻ آهي جتان جا ڪيترائي شهر انهن جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن.

هن ڪيترائي نالا کڻندي چيو ته انهن جو بنگلاديش جي دهشتگرد گروپ سان رابطو آهي ۽ نيپالي دهشتگردن کي پڻ آءِ ايس آءِ سپورٽ ڪندي رهي آهي. ياد رهي ته پاڪستان ڀارت طرفان لڳايل اهڙن الزامن کي هميشه رد ڪندو رهيو آهي.

ذريعا