ڀارتي سيڪيورٽي فورسز ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ فائرنگ، ڀارتي فوجي سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا
ڏيک
27 آڪٽوبر 2006
ڀارتي ڪشمير ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ ويڙهاڪن ۾ جهڙپ جي نتيجي ۾ هڪ ڀارتي اهلڪار سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا آهن. ڀارتي ذريعن مطابق مارجي ويل اسلامي ويڙهاڪ هئا.
ويڙهه پونچ سيڪٽر ۾ لائن آف ڪنٽرول ڀرسان ٿي. ياد رهي ته ڪشمير ۾ ڀارت جي فوجن جي داخلا خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو پئي ويو.