ڀارتي شهر ناگپور ۾ چار ڄڻن جي قتل خلاف احتجاج پرتشدد ٿيڻ تي ڪرفيو نافذ

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

ڀارتي شهر ناگپور ۾ هڪ خاندان جي چار ڀاتين جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي پرتشدد احتجاج جي پيش نظر ڪرفيو هنيو ويو آهي.

ذريعن مطابق پوليس احتجاجي مظاهري کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو پڻ استعمال ڪيو. پرتشدد مظاهري سبب ڇهه پوليس اهلڪار پڻ سخت زخمي ٿي پيا.

پوليس ذريعن مطابق مظاهرين ٻه ٽي مهينا اڳ مارجي ويل هڪ گهر جي چار ڀاتين جي مارجي وڃڻ خلاف احتجاج پئي ڪيو. اسان ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال پڻ ڪيو تنهن هوندي به مظاهرين پرامن نه ٿيا جنهنڪري اُتي ڪرفيو نافذ ڪرڻو پيو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماحول ۾ ڪافي تاءُ آهي پر حالتون ڪنٽرول ۾ آهن.

ذريعا