ڀارتي شهر گوا ۾ پاڪستاني ويڙهاڪن جي ڊپ کان سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

ڀارتي شهر گوا ۾ پاڪستاني ويڙهاڪن جي ڊپ کان سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. چيو ويو آهي ته لشڪر طيبه ۽ جيش محمد جهڙيون پاڪستان جون حامي تنظيمون حملو ڪري سگهن ٿيون. اهڙي دعوا ڀارتي سرڪاري ذريعن ڪئي.

يورپ ۽ اولهه جي ملڪن کان ايندڙ سياحن ۾ مسلسل اضافي سبب اهو قدم کنيو ويو آهي. هن سال جي شروعات ۾ اهڙي ڪوشش ڪندڙ ٻن ويڙهاڪن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

ذريعا