ڀارتي صوبي آسام ۾ ڌماڪا، 15 ماڻهو مارجي ويا، ڌماڪا گوهاٽي شهر ۾ ٿيا

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

ڀارتي صوبي آسام جي دارالحڪومت گوهاٽي ۾ ٿيل ٻن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ 30 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

پوليس ذريعن مطابق پهريون بم ڌماڪو شهر جي فينسي بازار ۾ ٿيو. ذريعن مطابق ڌماڪي وقت بهار مان آيل ماڻهو مذهبي گيت ڳائي رهيا هئا ان ڌماڪي ۾ 13 ماڻهو مارجي ويا.

ٻيو ڌماڪو شهر جي ڏاکڻي علائقي ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻن ماڻهن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. ڪنهن به انهن ڌماڪن جي ذميواري نه قبولي آهي، پوليس مطابق ان ڪاروائي پٺيان الفا نالي گروپ جو هٿ آهي.

ذريعا