ڀارتي فوج سياچن معاملي بابت پاڪستان سان ٺاهه جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

12 نومبر 2006

ڀارتي فوج تڪراري سياچن معاملي تي پاڪستان سان امڪاني ٺاهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي فوج جي ترجمان دعوا ڪئي آهي ته سياچن تي ڀارتي فوج جي پوزيشن انتهائي مضبوط آهي تنهنڪري اهي پوئتي نه هٽندا.

ذريعن مطابق ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان علائقي کي فوج جي حوالي سان گهڻي اهميت آهي تنهنڪري ان تان ڀارت ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿيندو.

ياد رهي ته ڀارتي فوج جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪريٽري سطح تي ايندڙ هفتي ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

ذريعا