ڀارتي پوليس ڪشمير ۾ ٽن ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو، واقعو ڊوڊا جي علائقي ۾ ٿيو
ڏيک
24 نومبر 2006
ڀارتي پوليس دعوا ڪئي آهي ته ڪشمير جي علائقي ڊوڊا ۾ ٽي ڪشميري ويڙهاڪ مارجي ويا آهن.
ذريعن مطابق اهي ويڙهاڪ هڪ غار ۾ لڪل هئا. انهن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ ويڙهاڪن جا ٽي ماڻهو مارجي ويا. اهو مقابلو ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو.
مارجي ويلن کي محمد عرفان، محمد اسماعيل ۽ مدثر جي نالن سان سڃاتو ويو آهي. انهن وٽان اي ڪي 47 رائيفل سميت ٻيا هٿيار پڻ هٿ آيا آهن.